ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ قديم ماڳن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ صحافي آچر خاصخيلي جي ياد ۾ مهراڻ ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي گل حسن خاصخيلي ، ذوهيب خاصخيلي، مرتضيٰ جوڻيجو، زاهد ميمڻ، دودو پنهور، گل حسن لاکو، عاشق ساند،  رياض سنجراڻي، انور مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آچر خاصخيلي سنڌ جي ثقافت جو سچو عاشق هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي، هنن چيو ته آچر خاصخيلي سنڌ جا قديم آثار بچائڻ لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي، هن برهمڻ آباد جي حفاظت ۽ وڌيڪ کوٽائي وڏو آواز اٿاريو، تقريب ۾ شاهه لطيف جي راڳين ۽ ٻين فنڪارن راڳ ڳائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.