ڪلڪتو (انٽريسٽنگ نيوز) سڄي دنيا ۾ برياني جا شوقين ته ڪيترائي ماڻهو ملن ٿا پر هڪ پليٽ برياني جي آڇ تي آپگهات جو ارادو ترڪ ڪندڙ شهري شايد ئي اوهان ڪڏهن ڏٺو هجي، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب پريشان ڪندڙ ۽ مضحڪه خيز صورتحال ڪلڪتي ۾ پيش آهي، جتي پوليس آپگهات لاءِ پل تي چڙهيل شخص کي هيٺ لاهڻ لاءِ هڪ پليٽ برياني جي آڇ ڪئي، ڪلڪتي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ موٽر سائيڪل سوار 40 سالن جي شهري پنهنجي وڏي ڌيءَ کي موبائل گم ٿيڻ جو بهانو ڪري بائيڪ روڪي ڇڏي، ڌيءَ پوليس کي ٻڌايو ته سندس والد بائيڪ روڪي موبائل ڳولڻ لڳو پر اوچتو ئي پيءُ کيس اڪيلو ڇڏي تارن جو استعمال ڪندي پل تي چڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڪلڪتي پوليس موجب پل تي چڙهيل شخص سبب ٽريفڪ جي رواني اڌ ڪلاڪ تائين متاثر رهي، بعد ۾ پوليس ان شخص کي هيٺ لاهڻ لاءِ مهانگي ريسٽورنٽ جي هڪ پليٽ برياني جي آڇ ڪئي ۽ گڏ ئي نوڪري ڏيڻ جو واعدو به ڪيو، جنهن تي اهو شخص هيٺ لهي آيو، رپورٽس موجب شهري پنهنجي زال کان عليحدگي ۽ مالي مشڪلات سبب سخت ذهني مانڌاڻ جو شڪار هيو، سندس زال پنهنجي سڀ کان ننڍي ڌيءَ کي به پاڻ سان گڏ وٺي وئي هئي، جڏهن ته وڏي ڌيءَ به والد جي مالي مشڪلات سبب ناراض رهندي هئي.