ڪوئيٽا: سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ هو ته ڪجهه معصوم يرغمالي مسافرن سان خودڪش بمبار ويٺل هئا، دهشتگردن خودڪش بمبارن کي يرغمالين سان گڏ ويهاريو هو. جنهن سبب يرغمالين ۾ خوف پکڙيل هو، سڪيورٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته خودڪش بمبار دهشتگردن کي جيڪيٽون پاتل هيون، دهشتگرد ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا هئا. ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز خودڪش بمبارن جي ڪري انتهائي احتياط سان ڪم ڪري رهي هئي.