حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق جان محمد سولنگي کي آپڪا سنڌ جو چيئرمين ۽ تنوير عالم شاهه کي وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي. آپڪا سنڌ لاءِ علي بخش چاچڙ کي صدر، عمران علي جکراڻي کي سينيئر نائب صدر، سڪندر علي ڀونگر کي سينيئر نائب صدر، منظور سولنگي کي به سينيئر نائب صدر، سردار پيرزادو کي به سينيئر نائب صدر، عبدالقيوم کوسو کي به سينيئر نائب صدر، انور علي ميمڻ، رحمت الله چنا، محمد ابراهيم شاهه، حافظ احمد علي، غلام دستگير ۽ غلام سرور کي نائب صدر جڏهن ته ولي محمد سومرو کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. محمد شريف چاچڙ ايڊيشنل سيڪريٽري، ۽ غلام مصطفيٰ جمالي کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ نور محمد کوسو کي جوائنٽ سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو. نثار احمد کوسو انفارميشن سيڪريٽري، قربان علي راڄڙ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، انيس حسين عباسي پريس سيڪريٽري، ظهر احمد سولنگي ڊپٽي پريس سيڪريٽري، لال بخش پٺاڻ به ڊپٽي پريس سيڪريٽري، شاڪر علي صديقي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر، زاهد حسين آفيس سيڪريٽري ۽ شمن علي چاچڙ کي فنانس سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو. آپڪا مرڪز پاران اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.