اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان طرفان 10 مئي تي ڀارت خلاف ڪيل آپريشن “بنيان المرصوص” ۾ دهشتگردن جو سهولتڪار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر راج ڪمار ٿاپا مارجي ويو، آپريشن “بنيان المرصوص” تحت پاڪ فوج جي ڪامياب ڪارروائي ۾ والاريل ڪشمير جي شهر راجوري جو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر راج ڪمار ٿاپا مارجي ويو، ڀارتي حڪومت جي پٺڀرائي سان ايڊيشنل ڊي سي راج ڪمار دهشتگردن جو سهولتڪار هو ۽ ڪشميري مسلمانن لاءِ دهشت جي علامت بڻيل هو، جڏهن ته هو اعليٰ فوجي بريفنگز ۾ به شامل هوندو هو.