واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته اسان جي جنگ ايران نه، پر اُن جي جوهري ارادن خلاف آهي، هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ايران جي جوهري پروگرام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه درست ناهي ته آپريشن صدارتي اٿارٽي کان ٻاهر هو، آمريڪا ۽ اُن جا اتحادي ايران جو جوهري پروگرام تباهه ڪرڻ بابت سوچي رهيا آهن.