گهوٽڪي: ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل موجب ته ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ هلندڙ آپريشن ۾ پوليس عبدالرحمان وسير بهادري سان ڏوهارين جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي آهي جنهن کي سنڌ پوليس ڪڏهن به وساري نٿي سگهي شهيد پوليس اهلڪار جو بدلو جلد ورتو ويندو ۽ ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو.