ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو جي الشهباز ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو ايٽ ڪنڊيارو جي يونين اڳواڻن ۽ ملازمن پاران سب ڊويزن  آفيس ڪئنالن خلاف گڏجاڻي ڪرڻ بعد آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي الشهباز ايريگيشن فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ عيسيٰ سنگراسي، مينهون خان راڄپر، مومن مڱريو، سيد رکيل شاهه،  فاروق احمد سيال، عمر سنگراسي، درمحمد عالماڻي، عبدالغني خشڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  سنڌو تي ڪئنال اڏي سنڌ سان ظلم ڪيو پيو وڃي، پاڻي نه هوندو ته انساني جياپو ڏکيو بڻجي ويندو،سنڌ سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن ۽ فوري طور تي ڪئنال وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ ايريگيشن ملازم سراپا احتجاج ٿيندا ۽ ٻٻرلو ڌرڻي ۾ مرڻ گهڙي تائين شرڪت ڪندا، هنن جو چوڻ هو ته اسان ڪئنالن خلاف اڄ کان گڏجاڻيون شروع ڪيون آهن جلد ئي پوري سنڌ ۾ تحريڪ شروع ڪنداسين، الشهباز ايريگيشن فيڊريشن سنڌو جي معاملي تي خاموش نه ويهندي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڪئنال وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته نارا ڪئنال، روهڙي ڪئنال، گڊو بئراج، سکر بئراج سميت سنڌ جا ڪئنال بند ڪري ٻٻرلو ۾ مرڻ گهڙي تائين ويهي رهنداسين، هوڏانهن الشهباز ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو ايٽ ڪنڊيارو جي جنرل باڊي جي گڏجاڻي صوبائي صدر محمد عيسيٰ سنگراسي جي نگراني ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا،ان موقعي تي جنرل باڊي جي ميمبرن جي اجازت بعد ايريگيشن ورڪرزروهڙي ڊويزن ڪنڊيارو جو نالو تبديل ڪري الشهباز ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو ايٽ ڪنڊيارو رکيو ويو.