اسلام آباد(ڪامرس ڊيسڪ)آن لائين ڪريم ٽيڪسي سروس 18 جولاءِ کان پاڪستان ۾ آپريشن بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪريم جي سي اي او مدثر شيخا پنهنجي لنڪ ڊ ان پوسٽ ۾ چيو ته ڪريم 18 جولاءِ 2025 کان پاڪستان ۾ پنهنجي رائيڊ هيلنگ سروس بند ڪرڻ وارو آهي، هن چيو ته اهو فيصلو انتهائي ڏکيو هو پر پاڪستان ۾ مسلسل خراب ٿيندڙ معاشي حالتن، وڌندڙ مقابلي ۽ عالمي سيڙپڪاري جي چيلنجن سبب  محفوظ ۽ قابل اعتماد سروس فراهم ڪرڻ ممڪن نه هو. ياد رهي ته ڪريم سال 2015 ۾ پاڪستان ۾ پنهنجون خدمتون شروع ڪيون هيون.