سرينگر (انٽريسٽنگ نيوز) آن لائن ٽيڪسي ابر ٻيڙي سروس به شروع ڪري ڇڏي آهي، ابر انتظاميا موجب ڀارتي والاريل ڪشمير جي ڊل ڍنڍ ۾ مسافرن کي ڪاٺ جي روايتي شڪارا ٻيڙين تي سفر لاءِ آن لائن بڪنگ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ڪمپني جو چوڻ آهي ته صارفين 12 ڪلاڪ يا 15 ڏينهن اڳ تائين پنهنجي رائيڊ بڪ ڪري سگهن ٿا، ٻيڙي جي هر سواري ۾ چار مسافرن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو، اها سروس روزانو صبح 10 کان شام 5 وڳي جي وچ ۾ هڪ ڪلاڪ جي بڪنگ لاءِ دستياب هوندي، ابر ڏکڻ ايشيا جي صدر پرڀجيت سنگهه جو چوڻ آهي ته ابر شڪارا سروس جو مقصد خطي ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ آهي، ان کان اڳ ابر اٽلي (وينس) ۽ ڪجهه يورپي ملڪن ۾ ٻيڙي سروس فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايشيا ۾ شروع ٿيندڙ اها پهرين آن لائن ٻيڙي سروس آهي، شروعاتي طور تي ابر جي فليٽ ۾ 7 ٻيڙيون شامل آهن، جن ۾ صارفين جي گهرج موجب اضافو ڪيو ويندو، سياحن لاءِ منصفاڻين قيمتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن تي عملدرآمد ڪيو ويندو، اهم ڳالهه اها آهي ته ابر پنهنجي شڪارا پارٽنرز کان ڪا ڪميشن نه وٺندي، ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته پورو ڪرايو سڌيءَ ريت ٻيڙي هلائڻ وارن کي وڃي.