اسلام آباد: وفاقي حڪومت بجيٽ 26-2025 ۾ آن لائن خريداري تي 18 ٽيڪس سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سيلز ٽيڪس ايڪٽ ۾ ترميم جون تجويزون پيش ڪندي چيو ته آن لائن ڪاروبار ۽ ڊجيٽل مارڪيٽ پليسز جي تيزي سان ترقي ٽيڪس قانون جي پاسداري ڪندڙ روايتي ڪاروبارن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته معياري هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪس قانون جي مڪمل پاسداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ تجويز آهي ته اي ڪامرس پليٽ فارمز جي طرف کان ترسيل ڪندڙ ڪوريئر ۽ لاجسٽڪ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا 18 سيڪڙو شرح سان ان اي ڪامرس پليٽ فارمز تان سيلز ٽيڪس وصول ڪري جمع ڪرائيندا.