هيوسٽن(شوبز نيوز) آمريڪي ڳائڻي بيونسي هوسٽن ۾ پنهنجي ميوزڪ ڪنسرٽ دوران هڪ خوفناڪ حادثي کان  ذري تان بچي وئي.43 سالن جي ڳائڻي بيونسي هڪ اڏامندڙ ڪار ۾ ڪنسرٽ ۾ داخل ٿي رهي هئي ته ڪار اوچتو هڪ پاسي اونڌي ٿي وئي ۽ بيهي رهي.ڳائڻي يونسي جيڪا ڪار ۾ هوا ۾لٽڪيل هئي، بعد کيس محفوظ طور تي هيٺ لاٿو ويو.ڪنسرٽ جي انتظاميا چيو ته شو دوران حادثو “ٽيڪنيڪل خرابي” جي ڪري پيش آيو.