نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ ڊرون ڪمپني ڪرسمس کان اڳ رياست ٽيڪساس جي هڪ ميدان تي 5000 ڊرونز اڏائي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو، سڀ کان وڏي ڊرون شوز مان هڪ جي وڊيو پوسٽ ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا صارفين جا دل موهي ورتا آهن، اسڪائي ايليمنٽس 2500 ڊرون اڏائڻ جو پنهنجو ئي اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جيڪو هڪ هفتو اڳ قائم ڪيو ويو هيو، اڳوڻي رڪارڊ ڪمپني جو 11هون گنيز ورلڊ رڪارڊ هيو، جڏهن ته تازي رڪارڊ لاءِ ڪمپني حيرت انگيز ڊرون لائٽ شو لاءِ UVify سان ملي ڪم ڪيو، جنهن ۾ سانتا ڪلاز کي ٻه وڏن قطبي هرڻن ذريعي هوا ۾ سوار ڏيکاريو ويو، شيئرنگ کان وٺي هيءَ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪيترن ٽيڪنيڪي ماهرن کي آئوٽ ڊور سيٽنگ ۾ ڊرون سيٽ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جيئن ئي شام ٿئي ٿي ڊرون تقريبن ان ئي وقت درستگي سان زمين تان اڏامي وڃن ٿا ۽ ان تي نصب ايل اي ڊي لائٽس چمڪندي وڏي تصوير بڻائڻ لڳي وڃن ٿيون.