واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ سائوٿ ڪيرولينا مان هائوس ميمبر جي اميدوار مارڪ برنس گي ۽ هم جنس پرستن کي غدار قرار ڏئي انهن کي غداري جي ڏوهه ۾ سزائون ڏيارڻ جو اعلان ڪيو آهي. هو اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو به حامي رهيو آهي. ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته هم جنس پرستي آمريڪا جي آئين خلاف آهي، هم جنس پرستن جي ڳالهه اسان جي قومي مفادن جي خلاف آهي اهڙن ماڻهن کي سزائون ملڻ گهرجن. اهي ماڻهو اسان جي نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيا آهن.