ويٽيڪن سٽي(م ڊ) آمريڪي ڪارڊينل رابرٽ پري ووسٽ ڪيٿولڪ مسيحن جو نئون پوپ چونڊجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويٽيڪن سٽي ۾ نئين پوپ جي چونڊ 4 ڀيرا ووٽنگ بعد ڪئي وئي، ڪارڊينل رابرٽ پري ووسٽ تاريخ ۾ پهريون آمريڪي پوپ آهي ۽ هو پوپ ليو چهاردهم سڏرائيندو. رپورٽ موجب رابرٽ پري ووسٽ 2023 ۾ ڪارڊينل بڻيو ان کان اڳ هو 2015 کان 2023 تائين پيرو ۾ بشپ طور ڪم ڪندو رهيو، گذريل مهيني پوپ فرانس بعد 69 ورهين جو رابرٽ پري ووسٽ ڪٿولڪ مسيحن جو 267 هون پوپ آهي، آمري صدر ڊونلڊ ٽرمپ نئين پوپ رابرٽ پري ووسٽ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اهو ٻڌي فخر ٿيو ته هو پهريون آمريڪي پوپ آهي. ٽرمپ پوپ ليو سان ملاقات جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي آهي.