پيانگ يانگ/ ماسڪو(م ڊ/ ايجنسيون) اتر ڪوريا آمريڪي ڌمڪين کي نظرانداز ڪندي هٿيارن جي ڊيل لاءِ روس پهچي ويو، ڪم جونگ ۽ ان جي ٽرين اهم دوري دوران روسي حدن ۾ داخل ٿي وئي، ميڊيا رپورٽن موجب ڪم جونگ آن ۽ روسي صدر پيوٽن جي ملاقات ولادي ووسٽوڪ ۾ شيڊول تحت ٿي، هوڏانهن آمريڪا، روس کي هٿيار ڏيڻ تي اترڪوريا خلاف وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بائيڊن انتظاميا جو چوڻ آهي ته روسي صدر ولادي مير پيوٽن يوڪرين تي حملي ۾ ناڪامي جي ڪري اتر ڪوريا جو صدر ڪم جونگ ان کان هٿيار پني رهيو آهي، هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته آمريڪا يوڪرين ۾ روس جي فوجي مهم ۾ مدد ڪندڙ ادارن جي جواب طلبي جاري رکندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن کي ياد ڏياريندو هلان ته اتر ڪوريا کي روس جي هٿيارن جي منتقلي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متعلق قراردادن جي خلاف ورزي هوندي. واشنگٽن بار بار اهو دهرائي رهيو آهي ته پيانگ يانگ ماسڪو کان هٿيار نه وٺي ان خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.