تهران(م ڊ) ايراني صدر مسعود پيزشڪيان آمريڪي ڌمڪين تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا جيتريون وڌيڪ ڌمڪيون ڏيندو، ايران ايترو ئي مضبوط ٿيندو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ايران پنهنجي ايٽمي ڪاميابين تان پوئتي نه ٿو هٽي سگهي، نه ئي ڪو سمجهوتو ٿيندو، اسان جا دروازا ڳالهين لاءِ کليل آهن، پر وقار ۽ فخر جي بنيادن تي ڳالهيون ٿينديون.