آمريڪي چُونڊن جي نتيجن جو انتظار

0
17
آءِ ايم ايف جون اڻکٽ فرمائشون

ڪملا ھيرس جي سنجيده انداز ۽ ٽرمپ جي ڌمڪين ۽ دھمانن واري چونڊ مھم کانپوءِ ڪالھ آمريڪا ۾ خيرن سان صدارتي چُونڊون ٿي ويون آهن. آمريڪي صدارتي چونڊن جي نتيجي جا عالمي سطح تي اهم اثر پئجي سگهن ٿا، خاص ڪري انٽرنيشنل پاليسين، وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي صورتحال تي. آمريڪي پاليسين جي تسلسل يا تبديلين جو انحصار ان تي ٿيندو ته نائب صدر ڪملا هيرس اقتدار ۾ اچي ٿي يا اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار جون واڳون سنڀالي ٿو. چونڊن جا نتيجا وچ اوڀر ۾ آمريڪي پاليسيءَ کي ڊرامائي طور تي بدلائي سگهن ٿا. هيرس ۽ ٽرمپ ٻنهي کي علائقائي سيڪيورٽيءَ ۾ دلچسپي آهي، پر انهن جا طريقا مختلف آهن. ٽرمپ جو نظريو وڌيڪ جارحانه ٿي سگهي ٿو، مثال طور، اسرائيل لاءِ وڌيڪ آزادي ۽ فلسطيني خودمختياريءَ جي مسئلي تي گهٽ ڌيان. هيرس جي حڪمتِ عملي امن ۽ ڳالهين تي مرڪوز هوندي. ايران جي حوالي سان ٽرمپ جي پاليسي سخت پابندين ۽ فوجي آپريشن تي رهي آهي، جڏهن ته هيرس ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي. يوڪرين جي جنگ تي آمريڪا جي موقف ۾ به تبديليون ڏسي سگهجن ٿيون. هيرس جي فتح سان يوڪرين لاءِ موجوده فوجي مدد جاري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٽرمپ ان مدد کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، جيڪو روس لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو. روس، چين، ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل ڪوششن ۾ آمريڪا جي پاليسين جو اهم اثر ٿي سگهي ٿو، خاص ڪري عالمي نظام تي دٻاءَ وڌائڻ جي حوالي سان. عالمي پيماني تي، آمريڪا جا اتحادي ۽ مخالف، ٻئي ، نئين انتظاميا جي پاليسين جو جائزو وٺڻ جي تياريءَ ۾ آهن. ڪيترائي ملڪ ‘گري زون’ حڪمت عملين ذريعي آمريڪا جي عزم ۽ اثر کي آزمائي سگهن ٿا، جهڙوڪ، فلپائن يا ٻيا حساس علائقائي نڪتا. چين ۽ روس خاص طور تي آمريڪا جي طاقت جي نرم نقطن کي نشانو بڻائڻ لاءِ تيار آهن. ان ڪري آمريڪي چونڊن جا نتيجا عالمي پاليسين، علائقائي توازن، ۽ سلامتيءَ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا.

آمريڪا جي اليڪشن جا نتيجا دنيا جي مختلف حصن ۾ اميدون ۽ خدشا پيدا ڪري سگهن ٿا. عالمي سياسي نظام ۾ توازن برقرار رکڻ ۽ عالمي تعاون کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هر هڪ ملڪ آمريڪا جي پاليسين تي ويجهي نظر رکي ٿو. اهڙيءَ طرح آمريڪا جون صدارتي چونڊون نه صرف آمريڪي شهرين لاءِ، پر سڄي دنيا لاءِ اهميت رکن ٿيون، ڇو ته، آمريڪا جي صدارتي اليڪشن دنيا تي وڏو اثر ڇڏي ٿي. آمريڪا جو عالمي طاقت ۾ مرڪزي ڪردار هجڻ ڪري، صدر جي چونڊ عالمي سياست، معيشت ۽ سيڪيورٽي تي اهم اثر رکي ٿي. آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي، عالمي ماحولياتي معاهدا ۽ فوجي معاهدا اليڪشن جي نتيجن سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن. نئين آمريڪي صدر جي پرڏيهي پاليسيءَ جو رخ دنيا جي مختلف علائقن ۾ امن ۽ استحڪام يا عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن صدر آمريڪا جي فوجي طاقت کي گهٽائڻ جي پاليسي اختيار ڪري ٿو، ته دنيا جي ڪجهه علائقن ۾ طاقت جي توازن تي اثر پئجي سگهي ٿو، جهڙوڪ، وچ اوڀر، ايشيا پيسيفڪ، ۽ يورپ. آمريڪا ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ معاشي ۽ فوجي مقابلو به نئين انتظاميا جي فيصلن تي دارومدار رکي ٿو.

آمريڪا جو صدر کڻي ڪير به چونڊجي پر اُن جي توسيع پسندي، جارحيت ۽ وچ اوڀر ۾ سندس مفادن جي چوڪيدار اسرائيل جي حمايت سميت بنيادي مسئلا ٿورڙي تبديلين سان گهڻي ڀاڱي ساڳيا ئي رهندا آهن. البته ٽرمپ جو اڳوڻو دور انتهائي جارحاڻين پاليسين وارو رهيو ۽ ان سڄي گِرهه کي مهاڀاري جنگ جي امڪانن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڪملا هيرس اُن جي ڀيٽ ۾ وري به ڪنهن حد تائين وچٿرو مزاج رکندڙ آهي ۽ جيڪو جنون ٽرمپ جي پاليسين ۾ هوندو آهي، اهو ڪملا هيرس جي پاليسين ۾ گهٽ نظر ايندو. عالمي امن خود آمريڪا جي مفادن ۾ پڻ آهي، صدر ڀلي ٽرمپ چونڊجي اچي يا ڪملا هيرس، عالمي امن جي اهميت کي ذهن ۾ رکڻو پوندو ۽ جارحاڻين پاليسين کي فُل اسٽاپ ڏيڻو پوندو.