آمريڪي چونڊون 2024 … آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن هميشه اڱاري ڏينھن تي ڇو ٿيندي آهي؟

0
24
آمريڪي چونڊون 2024 ... آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن هميشه اڱاري ڏينھن تي ڇو ٿيندي آهي؟

 سال 2024 ۾ آمريڪا جي تاريخ جي 60 هين صدارتي اليڪشن ٿي رهي آهي. آمريڪا ۾ 1845 کان اڳ مختلف رياستن ۾ الڳ الڳ ڏينهن تي اليڪشن ٿيندي هئي، ۽ اهو عرصو 34 ڏينهن تي مشتمل هوندو هو. ڪانگريس سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي، جنهن ۾ ڏينهن ۽ مهيني جو تعين ڪرڻ لاءِ گهڻو سوچ ويچار ڪيو ويو. آمريڪا ۾ هر چئن سالن کان پوءِ صدارتي چونڊون ٿين ٿيون، پر انھن چونڊن جو ڏينهن هميشه هڪڙو ئي رهندو آهي، جيڪو نومبر جي پهرين سومر کان پوءِ ايندڙ اڱارو هوندو آهي. پر اليڪشن لاءِ ان ڏينهن جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ ان جو واسطو آمريڪي سياسي تاريخ ۽ آمريڪين جي روزاني معاملن سان آهي.

                 آمريڪا جي آزادي بعد 1788 ۾ ٿيل پهرين صدارتي اليڪشن کان پوءِ، 1800 جي شروعاتي ڏهاڪن تائين، رياستن کي 34 ڏينهن جي عرصي ۾ ڪنهن به ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ جي اجازت هئي، ۽ ان لاءِ ڪو خاص ڏينهن مقرر نه هو. انهيءَ سبب ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا هئا. پاليسي سازن کي جلد اهو احساس ٿيو ته 34 ڏينهن جي عرصي ۾ جيڪي رياستون پهريان ووٽنگ ڪرائينديون، انهن جا نتيجا ٻين رياستن جي عوامي راءِ تي به اثرانداز ٿيندا. ان مسئلي جو حل اهو ڪڍيو ويو ته سڄي آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ هڪ ڏينهن ۽ تاريخ مقرر ڪئي وڃي. ڪانگريس 1845 ۾ قانون سازي ڪري نومبر جي پهرين سومر کان پوءِ ايندڙ اڱاري کي چونڊن جو ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو. پر اليڪشن لاءِ هن ڏينهن ۽ مهيني جو تعين گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ڪيو ويو ۽ ووٽرن جي وڌ کان وڌ سهولت کي نظر ۾ رکيو ويو.

چرچ ۽ بازار

اُوڻيهين صدي تائين آمريڪا ۾ شامل رياستن جي اڪثريت زراعت سان وابسته هئي. انهن ماڻهن جون عادتون سخت هيون، جنھن ۾ فصلن جي پوک، انهن جي ڪٽائي، صفائي ۽ مارڪيٽن ۾ وڪري جا مرحلا شامل هئا. عام طور تي، هاري اربع تي پنهنجو سامان ۽ پيداوار مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪرڻ ويندا هئا، تنهنڪري ووٽنگ لاءِ اربع جو ڏينهن مقرر ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. آچر تي موڪل هوندي هئي، پر ان ڏينهن اليڪشن رکڻ ۾ اها مشڪل هئي ته گهڻا ماڻهو چرچ وڃن ٿا. ان کان علاوه، ڪيترائي ووٽر پولنگ اسٽيشنن کان ڏاڍو پري رهندا هئا. ان ڪري، ٻن مصروف ڏينهن جي وچ ۾، ڪانگريس ووٽرن کي پولنگ بوٿ تائين پهچڻ لاءِ ڪافي وقت ڏيڻ چاهيو ٿي. اهو ئي سبب هو جو اڱاري کي مناسب ترين ڏينهن سمجهيو ويو، ڇو ته اهڙي طرح چرچ ۾ عبادت کان پوءِ پولنگ اسٽيشن تائين پهچڻ لاءِ مناسب وقت ملي ويو ۽ اربع جو اهم ڪاروباري ڏينهن به متاثر نه ٿيو.

نومبر ئي ڇو؟

چونڊن لاءِ مهيني جو تعين ڪندي به هارين جي مصروفيتن کي نظر ۾ رکيو ويو. بهار ۽ گرميءَ جي موسم ۾ فصل جي پوک جو وقت هوندو آهي، جڏهن ته گرمي جي خاتمي ۽ سرءُ جي شروعات ۾ فصلن جي ڪٽائي ۽ پيداوار حاصل ڪئي ويندي آهي. ان ڪري نومبر کي سڀ کان مناسب مهينو سمجهيو ويو، ڇو ته فصلن جي ڪٽائي جو ڪم مڪمل ٿي وڃي ٿو ۽ سرديءَ ۾ شدت به پيدا نه ٿيندي آهي.

دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ آچر تي اليڪشن ڪرائيندا آهن، پر آمريڪا ۾ اڃا تائين اڱارو ئي اليڪشن جو ڏينهن آهي. ڪجهه ماڻهو اليڪشن ڏينهن ۾ تبديلي تي زور ڏيندا آهن. انهن جي خيال ۾، آمريڪا جي اڪثريت پورھيت طبقي سان تعلق رکي ٿي، جيڪي سومر کان جمعي تائين ڪم ڪن ٿا، تنهن ڪري اليڪشن ڏينهن کي موڪل واري ڏينهن تي مقرر ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ، اليڪشن ڏينهن کي عام موڪل قرار ڏيڻ جا مطالبا به سامهون ايندا رهيا آهن.

اڄ، آمريڪا ۾ زراعت سان واسطو رکندڙ خاندان آبادي جو صرف ٻه سيڪڙو آهن، پر نومبر جي پهرين سومر کان پوءِ ايندڙ اڱاري تي اليڪشن ڪرائڻ جي روايت اڃا تائين برقرار آهي.

Courtesy: VOA