واشنگٽن/ نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي رياست مشي گن جي عرب اڪثريتي آبادي واري شهر ڊيربورن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ ريلي دوران فلسطين جي آزادي لاءِ نعرا بلند ٿي ويا. آمريڪي چونڊن ۾ باقي 2 ڏينهن رهجي ويا، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس فيصلائتي برتري ماڻڻ لاءِ وڌ کان وڌ ووٽرز کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. چونڊ مهم عروج تي پهچي وئي. آمريڪي ميڊيا رپورٽ موجب مشي گن جي عرب اڪثريتي شهر ڊيبورن ۾ ڊيموڪريٽس جي وچ اوڀر پاليسي تي ناراضگي سبب ووٽر ورهايل آهن ٽرمپ جي ريلي دوران به ماڻهو روڊن تي اچي فلسطين جي آزادي جا نعرا هڻندا رهيا. مقامي ووٽرن جو چوڻ آهي ته مشي گن جي ميدان م مسلمانن جا ووٽ ڪاميابي ۽ شڪست جو فرق پيدا ڪري سگهن ٿا. هيمٽرينڪ سٽي ڪونسل جي چونڊيل ميمبر محمد حسن موجب 25 هزارن کان وڌيڪ بنگلاديشي مسلمانن جا 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ ڪملا کي ملندا جڏهن ته 20 سيڪڙو ووٽ ٽرمپ کي ملي سگهن ٿا. مقامي اڳواڻن موجب يمني ووٽرن جي حمايت لاءِ بنيادي طور تي ٽرمپ اهو چئي رهيو آهي ته توهان مون کي پسند آهيو پر توهان جي قوم دهشتگرد آهي، جنهن تي ڊونلڊ يمني ووٽرن جي حمايت وڃائي ويٺو، ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ عرب آمريڪين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان جي تڪرار کي ختم ڪيو وڃي، وچ اوڀر ۽ آمريڪا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو ڪم ناهن ڪري رهيا. ٻئي طرف ڊموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس جي به چونڊ مهم جاري آهي. ڪملا جي چونڊ مهم جي ٽيم چيو ته ٽرمپ چونڊن واري ڏهاڙي ووٽ ڳڻڻ کان اڳ ئي پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو.