وسڪونسن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ ٻه ڀائرن پنهنجي گهرن وارن ۽ دوستن سان گڏجي 10.9 فوٽ ڊگهو ۽ 6.25 فوٽ ويڪرو گرلڊ چيز سينڊوچ بڻائي گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ پراميد آهن. آمريڪي رياست وسڪونسن جي شهر ملوائوڪي ۾ 11 سلن جي ايزوڊنس چوڌري ۽ سندس 10 سالن جي ڀاءُ اگي 136 ڪلو ڳوهيل اٽي ۽ 27 ڪلو پنير جي مدد سان 2.75 انچ ويڪرو سينڊوچ بڻايو. ٻنهي ڀائرن جي ان ڪوشش جو مقصد دنيا جي سڀ کان وڏي گرلڊ چيز سينڊوچ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرڻو هو، ان کان اڳ اهو رڪارڊ 2000 ۾ ورمونٽ جي ڪيبٽ ڪريمري 10 فوٽ ڊگهو، 5 فوٽ ويڪرو ۽ 2.5 انچ ويڪرو سينڊوچ بڻائي پنهنجي نالي ڪيو هو.