واشنگٽن(م ڊ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽالينا جورجيوا آمريڪا جي نون ٽيرف (واپاري ٽيڪس) کي عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، آءِ ايم ايف جي سربراهه چيو آهي ته آمريڪا طرفان نوان واپاري ٽيرف لاڳو ڪرڻ سان عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو آھن، دنيا ۾ معاشي اوسر جي واڌ جي رفتار اڳ ئي گهٽ آهي. ڪرسٽالينا جورجيوا آمريڪا تي زور ڀريو ته هو پنهنجن واپاري ساٿين سان سهڪار ڪري ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪري، جيڪي عالمي معاشي صورتحال لاءِ وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجن.