واشنگٽن/اسلام آباد/نئين دهلي(بيورو رپورٽ + م ڊ) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ چار ڏينهن جنگي صورتحال بعد آمريڪي ٽياڪڙي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت سيز فائر تي اتفاق ڪري ورتو، ٻنهي ملڪن پاران جنگبندي جي تصديق ڪندي 12 مئي تي ڳالهين جو اعلان ڪيو ويو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي سڄي رات لڳائي ڇڏي، اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ٻنهي ملڪن کي مبارڪون ڏيندي ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت هوشمندي ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪيو، امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته سيز فائر کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وسيع مسئلن تي ڪنهن اڻڌري هنڌ ويهي ڳالهيون ڪندا، 48 ڪلاڪن کان آمريڪي نائب صدر ڀارتي ۽ پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ هو ، پاڪستاني وزيراعظم، آرمي چيف، قومي سلامتي مشير عاصم ملڪ سان ڳالهه ٿي، ڀارتي وزيراعظم، پرڏيهي وزير جي شنڪر ۽ قومي سلامتي مشير سان به ڳالهيون ٿيون، خوشي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت فوري جنگبندي تي راضي ٿي ويا آهن، ٻئي ملڪ مسئلن تي غير جانبدار مقام تي ڳالهين لاءِ راضي ٿيا آهن، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سيز فائر جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي هوندي، شام ساڍا 4 وڳي پاڪستان ۽ ڀارت جنگبندي تي اتفاق ڪيو، جن ملڪن سيز فائر لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن جا ٿورائتا آهيون، اسان واضع چيو آهي ته سيز فائر لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن ڀارت ڪا جارحيت ڪندو ته اسان جواب ضرور ڏينداسين، ڀارتي پرڏيهي ترجمان به جنگبندي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي طرفن کان فوجي ڪارروايون روڪيون پيون وڃن، پاڪستان ۽ ڀارت جا ڊائريڪٽر ملٽري آپريشن 12 مئي تي ڳالهيون ڪندا، ڀارتي پرڏيهي جي شنڪر به بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان فوجي ڪارروايون بند ڪرڻ لاءِ مفاهمت تي ڪم ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فوجي ڪارروايون بند ڪرڻ ۽ جننگبدي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مسري چيو ته پاڪ ڀارت جنگبندي ٿي وئي آهي، جنگ بنديءَ تي پاڪستاني وقت مطابق شام 4:30 کان عمل ٿي ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز (فوجي رابطا آفيسرن) جي 12 مئي تي ڳالهيون ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز ۾ ڪالهه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن ۾ بري، بحري ۽ فضائي جنگبندي تي اتفاق ٿيو.بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان جي وڏي فتح آهي، ڳالهين ۾ ڀارت سان ڪشمير مسئلو به غور هيٺ ايندو، سنڌ طاس ۽ دهشتگردي جي مسئلي تي به ڳالهيون ڪيون وينديون، هن چيو ته ڳالهيون ٿينديون ته نوان رستا نڪري ايندا، ٻه ٽئي مسئلا اسان جي لاءِ تمام اهم آهن، ڀارت جو طاقت جو غرور مٽي ۾ ملي ويو، ڀارت کي  شايد اهڙي اميد نه هئي، ڀارت کي خوشهمي هئي، دنيا چئي رهي آهي ته ڀارت کي ملٽي اسسٽمنٽ ناڪام ثابت ٿي، دنيا چئي رهي آهي ته پاڪستان سموري عمل ۾ مضبوط ثابت ٿيو، انهن ملڪن جا واپاري لاڳاپا ڀارت سان وڌيڪ آهن، آذربائيجان، ترڪيه، چين واضح طور پاڪستان جو ساٿ ڏنو، ٻين ملڪن به پاڪستان لاءِ ڪردار ادا ڪيو، اسان جنگ کي وڌائي سگهون پيا پر اسان جنگ کي بريڪ هڻڻ جو آپشن سامهون رکيو،  وزيراعظم شهباز شريف جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۽ خطي ۾ امن لاءِ سندس فعال ڪردار تي ٿورائتا آهيون، ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي راهه ۾ رنڊڪ وڌي، هن نتيجي کي اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ قبول ڪيو، شهباز شريف چيو آهي ته هي اڳڀرائي خطي جي امن لاءِ هڪ نئين شروعات آهي، امريڪي نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير جو به ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ خدمتن تي ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪ فوج منظم طريقي سان طاقتور جواب ڏنو، پهلگام واقعي تي حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ اڻڌري جاچ کي ڀارت ٺڪرائي ڇڏيو، ڀارت پاڪستان تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا، ان جي جارحاڻي قدمن باوجود پاڪستان صبر کان ڪم ورتو، ڀارتي حملي ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو، پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، بيگناهه شهرين جي خون جو بدلو وٺي ڇڏيو آهي، اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، پوري قوم کي هن ڪامياب آپريشن تي مبارڪون ڏيان ٿو، اسان ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم کي سلام ۽ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ڪوئي اسان جي خودمختياري کي چيلنج ڪري ته اسان مضبوط ديوار بڻجي دشمن تي غالب بڻجي ويندا آهيون، ڀارتي کلي جارحيت ڪئي، ڀارت واقعي جو بهانو بڻائي اسان تي جنگ مڙهي، اسان اڻڌري منصفاڻي جاچ جي آڇ ڪئي، هن چيو ته ڀارت جي ان عمل تي صبر ۽ سهپ جو مظاهرو ڪيو، پر ڀارت اسان جي سرحدن جي حرمت کي لتاڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، اسان جي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي اسان جي صبر جو امتحان ورتو، آبي ذخيرن ۽ فوجي ملڪيتن کي به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان فيصلو ڪيو ته دشمن کي ساڳئي زبان ۾ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا ٻولي هو سمجهندو آهي، وزيراعظم چيو ته دشمن جو شرمناڪ ۽ بزدلاڻو فعل هو، بهادر فوج پيشوراڻي انداز ۾ اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سونهري باب رقم ڪيو، پاڪستاني شاهينن ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڀارتي فوج جي توپن کي اهڙو خاموش ڪيو جنهن کي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، جيڪي ڳالهيون ميز تي ٿيڻيون هيون اهي ميدان جنگ ۾ ٿي ويون، رافيل اسان جي شاهينن جي نشانن تي آيا ۽ فيل ٿي ويا، ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو، هن چيو ته فوج سان گڏ پوري قوم جي فتح آهي، تاريخي ڪاميابي تي چيف آف اسٽاف ڪاميٽي، آرمي چيف، نيول چيف، ايئر چيف، هر جوان کي سلام ۽ خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ، پوري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته شهيد ارتضيٰ عباس هڪ اهڙو گل هو جيڪو ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجي ويو، هر شهيد جي ماءُ کي سلام عقيدت پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ذميوار رياست طور علائقائي امن ۽ خطي ۾ رهندڙ ڪروڙن ماڻهن جي مفاد ۾ جنگنبدي جو هاڪاري جواب ڏنو آهي، آبي مسئلن سوڌو ڪشمير مسئلي سوڌو سمورا مسئلا انصاف جي گهرجن موجب پرامن ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ جو خصوصي شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن جنگبندي لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو، سعودي، يو اي اي، ترڪيه، قطر، برطانيه، سيڪريٽري جنرل گڏيل قومون ۽ ٻين دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن جنگبندي جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، چين جو به شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن هميشه وانگر ساٿ ڏنو، وزيراعظم چيو ته هن بحران ۾ سرخرو ٿيڻ بعد اسان پوري وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون، سمورا ادارا، پهريان وانگر گڏجي سموريون توانايون ملڪ جي ترقي تي لڳائينداسين،