ڀارت طرفان اڳرائي، آپريشن “سندور” جي نالي سان ڪيل حملا، انساني آبادين کي نشانو بنائڻ، ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي يلغار ۽ موٽ ۾ پاڪستان طرفان آپريشن “بنيان مرصوص” جي ذريعي ڀارت کي سبق سيکارڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ائٽمي ٽڪراءَ واري پوزيشن پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سڄي دنيا جي امن جي حوالي سان ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي هئي. عالمي برادريءَ جون ڪوششون به، “ٻيلي ڏاها ٿيو” وارن ڀاشڻن کان اڳتي وڌي نه سگهيون هيون. وزيراعظم شهباز شريف “نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي” جي ڪالهه هنگامي گڏجاڻي طلب ڪري ورتي هئي. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ، جيڪو هن کان اڳ “پاڻ ۾ ڄاڻو” جهڙو بيان ڏيئي چڪو هو، نيٺ ان حالتن جي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي مداخلت ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت کي جنگبنديءَ لاءِ راضي ڪري ورتو ۽ خطي تان نيوڪليئر جنگ جو خطرو ٽري ويو آهي. پاڪستاني ۽ ڀارتي اختيارين جنگبنديءَ جي ڳالهه تسليم ڪري ورتي آهي، ۽ اهي خبرون آهن ته اها جنگبندي 12 مئي ٻنپهرن تائين مپثر رهندي. هاڻي ٻنهي ملڪن کي پنهنجا اختلاف ڳالهين جي ذريعي محاذ بدران ميز کي نبيرڻ گهرجن.
مني صديءَ کان ننڍي کنڊ ۾ امن جي آشا هڪ خواب رهي آهي. هن خطي تي جنگ ۽ تباهيءَ جي خوف جا ڪڪر ڇانيل هوندا آهن. بي اعتماديءَ جي ڪري هٿيارن جي خريداريءَ جي چٽاڀيٽي لڳل هوندي آهي. توڙي جو مختلف وقتن تي اعتماد سازيءَ جا قدم به کنيا ويا آهن، پر اهي به خطي ۾ جٽادار امن کي يقيني بڻائي نه سگهيا آهن. هن ڀيري ٻنهي ملڪن ۾ جنگ سبب نقصان ٿيو آهي ۽ جنگ جي چٽي ٻنهي طرفن جو عوام خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جي امڪانن جي قرباني ۽ حياتين جي خراج جي صورت ۾ ڀريندو آهي ۽ هن ڀيري ته نريندر مودي اجائي کئونس ڪري پنهنجي ذلت کي دعوت ڏني. خبرن موجب، سڀاڻي ٻارهين وڳي منجهند تائين جنگبنديءَ واري فيصلي کي قبول ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن مهلت مان ٻنهي ملڪن کي فائدو وٺي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي، ڇو ته امن هن خطي جي وڏي ضرورت آهي، ڇو ته امن هڪ اهڙي نعمت آهي، جيڪا انسانيت کي ترقي، خوشحالي ۽ فلاح جي راهه تي گامزن ڪري ٿي. اهو رڳو جنگين ۽ تڪرارن جي غير موجودگي جو نالو ناهي، پر اهو هڪ اهڙو ماحول آهي، جتي انصاف، مساوات ۽ انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي ٿو. امن کان سواءِ نه ته معيشت مستحڪم ٿي سگهي ٿي، نه ئي تعليم ۽ صحت جا شعبا ترقي ڪري سگهن ٿا، ۽ نه ئي سماجي هم آهنگي ممڪن آهي. امن ۽ اقتصادي ترقي جي وچ ۾ گهرو تعلق آهي. جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ امن قائم ٿيندو آهي ته اتي سيڙپڪاري جا موقعا وڌن ٿا، ڪاروباري سرگرميون فروغ وٺن ٿيون، ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين ٿا. جنگ زده علائقن ۾ معيشت تباهه ٿي وڃي ٿي، بنيادي ڍانچو برباد ٿي وڃي ٿو، ۽ عوام غربت ۽ افلاس جو شڪار ٿي وڃي ٿو. امن انساني ترقي لاءِ به انتهائي اهم آهي. جڏهن سماج پرامن هوندو آهي ته حڪومتون تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن تي ڌيان ڏئي سگهن ٿيون. ٻارن کي معياري تعليم ميسر اچي ٿي، صحت جون سهولتون بهتر ٿين ٿيون، ۽ سماجي انصاف جو قيام ممڪن ٿيندو آهي. اقوام متحده جي انساني ترقياتي اهڃاڻ(HDI) مطابق، اهي ملڪ جتي امن قائم آهي، اتي انساني ترقي جي شرح به بلند آهي. امن سماجي هم آهنگي جو ضامن آهي. امن سان نه رڳو سماجي لاڳاپا مضبوط ٿين ٿا، پر سماجي ترقي به ممڪن ٿيندي آهي. امن کان سواءِ ملڪ انتشار، نفرت ۽ تعصب جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جيڪو ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو.
عالمي سطح تي امن جو قيام بين الاقوامي تعاون کان سواءِ ممڪن ناهي. اقوام متحده جهڙا ادارا دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. امن جي قيام لاءِ ملڪن کي باهمي اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، ۽ جنگ ۽ جدل کان پاسو ڪرڻ گهرجي. عالمي امن کان سواءِ پائيدار ترقي جو خواب حقيقت ۾ تبديل نه ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، امن جي اهميت کي محسوس ڪندي ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آندو وڃي. ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي معطليءَ سميت کنيل سمورا قدم واپس وٺن لاءِ مجبور ڪيو وڃي.