نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) ماهيگير ڏاڍا خوش ٿيندا آهن جڏهن هو پنهنجي ڄار ۾ ڪا وڏي مڇي پڪڙيندا آهن.پر ناروي ۾ هڪ ماهيگير آمريڪي ٻيڙي کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسڻ جو ٻڌي حيران ٿي ويو.هي حيران ڪندڙ واقعو ناروي جي ملانگن فجورڊ ۾ پيش آيو.ناروي جي نشرياتي اداري اين آر ڪي نيوز موجب هيرالڊ انگن نالي هڪ ماهيگير پنهنجي گهر جي ويجهو هالي بٽ ڪيچ پهچائڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس هڪ غير معمولي پيغام مليو.کيس ٻڌايو ويو ته ٻيڙي جا پروپيلر سندس ڄار ۾ ڦاسي ويا آهن ۽ کيس 2 ناٽيڪل ميل پري ڇڪي ويا. 377فوٽ ڊگھي ايٽمي طاقت رکندڙ آمريڪي ٻيڙي يو ايس ايس ورجينيا ناروي جي بندرگاهه ٽرامسو ڏانهن وڃي رهي هئي. نارويجن ڪوسٽ گارڊ تصديق ڪئي ته سندن هڪ ٻيڙي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي . هيرالڊ انگن جو چوڻ هو ته مون کي خبر هئي ته  ٻيڙيون مڇي مارڻ وارن ڄارن جي ويجهو کان گذريون آهن، پر اسان مان ڪنهن به ٻيڙي کي ائين ڪندي نه ٻڌو آهي،“ ماهيگير چيو ته هو واقعي تي پريشان ناهي ۽ ڪوسٽ گارڊ ممڪن معاوضي بابت ساڻس رابطي ۾ آهي.آمريڪي فوج جي ترجمان به واقعي جي تصديق ڪئي پر تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو.حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.