راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان آمريڪي ڪانگريس جي وفد ملاقات ڪئي، ان دوران علائقائي سلامتي ۽ دفاعي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد جي قيادت جيڪ برگ مين ڪئي، ٿامس سوزي ۽ جوناٿن جيڪسن به شامل هئا. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو، جڏهن ته علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو به اعتراف ڪيو.