ڪراچي: پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر پاران 13 کان 16 سيپٽمبر تائين ڪراچي جو دورو آمريڪا ۽ سنڌ جي عوام وچ ۾ پائيدار ڀائيواري جي اھڃاڻ آھي، اِن دؤري دوران اينڊريو شوفر کي ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مختلف موقعا ڳولڻ سان گڏ عوامي سطح تي لاڳاپن جي صلاحيت تي روشني وجھڻ جو موقعو مليو، جنھن کي ٻنھي ملڪن وچ ۾ ويجھن لاڳاپن حوالي سان بنيادي حيثيت حاصل آهي
اينڊريو شوفر ٻئين گرين شپنگ گول ميز مباحثي ۾ شريڪ ميزبان طور گڏيل چئلينجن، خاص ڪري موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ عملي لھ وچڙ جي ضرورت تي زور ڀريو. گرين شپنگ جي موضوع تي هن گول ميز مباحثي جو انتظام عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي مالي سهائتا سان پاڪستان ريجنل اڪنامڪ انٽيگريشن ايڪٽيوٽي (PREIA) پاران ڪيو ويو
جنهن ۾ حڪومتي عهديدارن، ڪاروباري برادري ۽ جهاز راني جي ويليو چين سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي. هن مباحثي ۾ اِن ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ پائيدار جھاز راني کي هٿ ڏياري وڃي، جڏهن ته ڪوپ – 28 تحت سبز جهاز راني کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ واضح ڪيل طريقڪار جي به ڀرپور حمايت ڪئي وئي
اُن موقعي تي ويچار ونڊيندي اينڊريو شوفر چيو ته “اسان هن مباحثي جيان ڪيترن ئي قدمن توڙي تقريبن وسيلي موسمي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڳالهه ٻولھ جي همٿا سان گڏ وگڏاُن سلسلي ۾ پاڪستان جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ جديد حل ڳولڻ ۾ مدد ڪري رھيا آهيون. ” هُن سامونڊي وڻج واپار سان لاڳاپيل پائيدار سرگرمين جي سمورن شعبن ۾ منتقلي لاءِ سھڪار ڪرڻ تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي عزم ۽ ڪوششن کي به ساراهيو
آمريڪي مشن جي نائب سربراهه جي ڪاچي جي ھن دوري ۾ لنڪن ڪارنر ڪراچي ۾ ڪجهه گهڙيون ترسڻ به شامل هو، جتي هُن شاگردن، ڪاروباري ماڻھن ۽ رضاڪارن سان ملاقات دوران سندن ثابت قدمي سان محنت توڙي تخليقي صلاحيتن جي ساراهه ڪئي. اينڊريو شوفر پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ ۽ ترقي جو سفر جاري رکڻ لاءِ نوجوان نسل جي قيادت ۾ جدتن جي اهميت تي به روشني وڌي
اُن کانسواءِ اينڊريو شوفر مذهبي اقليتن جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ مذهبي ڀائيچاري ۽ سھپ جي اهميت تي زور ڀريو. جڏهن ته پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن جي حقن لاءِ آمريڪا پاران مڪمل حمايت جاري رکڻ جي عزم کي به ورجايو.
اينڊيو شوفر جي ڪراچي واري دوري جي پڄاڻي پورٽ قاسم ۾ ٿي، جتي پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين، ڪارگل ۽ اينگرو ڪارپوريشن جي قيادت سان تعميري ملاقاتن دوران هُن سبز جهازراني، بندرگاهن تي سرگرمين، توانائي جي حل ۽ ٻين جديد طريقن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي
اُن جو مقصد پاڪستان جي واپاري چٽاڀيٽي وڌائڻ سان گڏ سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ آمريڪا سان لھ وچڙ برقرار رکڻ جي طريقن توڙي وسيلن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. جڏهن ته پائيداريت ۽ موسمياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ آمريڪا – پاڪستان “سبز اتحاد” فريم ورڪ جي غيرمعمولي ڪردار کي به اجاڳر ڪيو.