واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) هڪ تحقيق جي نتيجن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪووڊ کانپوءِ آمريڪي مردن جي زندگي عورتن جي مقابلي ۾ 6 سال تائين گهٽ ٿي وئي آهي. طبي ماهرن جي هڪ نئين تحقيق ۾ پتو پيو آهي ته ڪووڊ 19 کانپوءِ آمريڪا ۾ مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ زندگي ۾ فرق گذريل 30 سالن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. هڪ رسالي جاما انٽرنل ميڊيسنل ۾ شايع تحقيقي نتيجن موجب 1996 کانپوءِ مردن ۽ عورتن ۾ عمرن جو فرق سڀ کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي. جنهن جو بنيادي سبب ڪووڊ 19 ۽ منشيات جي زيادتي سڀ کان اهم ٻڌايو پيو وڃي. هوڏانهن 2021 ۾ حڪومتي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت ڪيل مطالعي موجب عورتن جي عمر 79.3 سال جڏهن ته مردن جي 73.5 سال هئي.