فلوريڊا (انٽرسٽنگ نيوز): آمريڪي سائنسدان جوزف ڊيٽوري جنهن پاڻي اندر قائم هڪ مرڪز ۾ مسلسل 100 ڏينهن گذارڻ جو ارادو ڪيو هيو، هاڻي اهو پاڻيءَ هيٺ رهندي 74 ڏينهن گذاري چڪو آهي، جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي، جوزف اڃا به خشڪي تي اچڻ نٿو ڇاهي، ڇو ته اهو 9 جون تائين اتي رهي پاڻي جي گهرائي ۾ مسلسل رهندي 100 ڏينهن جو هدف پورو ڪرڻ چاهي ٿو، واضح رهي ته جوزف يونيورسٽي آف سائوٿ فلوريڊا ۾ محقق آهي ۽ ڪي لارگو جي علائقي ۾ 30 فوٽ گهري هڪ پاڻيءَ هيٺ اسٽيشن ۾ رهي رهيو آهي، اهو نه رڳو تحقيق ڪري رهيو آهي، پر سامونڊي جيوت جي تحفظ ۽ پاڻيءَ اندر رهڻ جي انساني جسم تي ٿيندڙ اثرن جو جائزو به وٺي رهيو آهي، ڪجهه هفتا اڳ هن سمنڊ جي گهرائي ۾ هڪ نئين قسم جو جانور به دريافت ڪيو هيو، ٻئي طرف جوزف هڪ ٻئي آمريڪي سائنسدان جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن 2014ع ۾ پاڻيءَ هيٺ 73 ڏينهن گذاريا هئا،

 

هن آچر تي جوزف پاڻيءَ اندر 74 ڏينهن مڪمل ڪري ورتا آهن، 55 سالن جو جوزف ڊيٽوري يونيورسٽي آف سائوٿ فلوريڊا ۾ بايوميڊيڪل انجنيئرنگ پڙهي رهيو آهي، سندس سامونڊي اسٽيشن 100 چورس فوٽ تي ٻڌل آهي، جيڪو ڦلوڪڻي وانگر هڪ گهر آهي، سائنسدانن جو خيال آهي ته تجربي دوران جسم تي پوندڙ سخت دٻاءَ سبب سندس قد هڪ انچ تائين گهٽجي سگهي ٿو، بلڪل ان ئي طرح جيئن خلا ۾ وقت گذارڻ بعد خلا ۾ رهندڙن جو قد ٽي سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.