ڪيرولينا (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي اتر ڪيرولينا سان تعلق رکندڙ لاما کي 27 سال ۽ 250 ڏينهن جي عمر ۾ باضابطا طور دنيا جو وڏي عمر وارو لاما قرار ڏنو ويو آهي، اهو لاما 2006 کان رينڊل مين ۾ سنگين بيمارين ۽ دائمي طبي حالتن جي شڪار ٻارن جي وڪٽري جنڪشن ڪيمپ ۾ آهي، جنهن کي سرڪاري طور تي گنيز ورلڊ رڪارڊز طرفان هيل تائين جي زير ڪفالت وڏي عمر جي لاما جو درجو ڏنو ويو آهي، وڪٽري جنڪشن جي بارن ڊائريڪٽر گنيز ورلڊ رڪارڊ کي ٻڌايو ته لاما جنهن جو نالو وائٽ ٽاپ آهي، اسان جي ڪيمپرز سان ايترو سٺو آهي، جو جيئن ئي اسان جي ڪيمپ جا ڏينهن شروع ٿيندا آهن، اهو سمهي رهندو آهي ۽ منجهند جي کاڌي تائين ناهي اٿندو، هن وڌيڪ چيو ته اهو رڳو اتي سمهيل رهندو آهي ۽ اهو ٻارن کي پنهنجي ويجهو ڊوڙڻ ۽ ساڻس پيار ڪرڻ ڏيندو آهي، اهو ان کي پنهنجو ڪم سمجهندو آهي ۽ اهو واقعي ان جو ڪم آهي، وائٽ ٽاپ پنهنجا ڏينهن ڪيمپ ۾ ٻارن کان سواءِ نو گهوڙن، ٻن ٻڪرن، ٻن سيهڙن، ٻن گڏهن ۽ هڪ ڳئون سان گڏ گذاريندو آهي.