خيرپور (رپورٽر) آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي تعليم، تحقيق ۽ ترقي ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مارڪ اسٽرو چيو ته آمريڪا پاڪستان سان تعليم، صحت، توانائي ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور اپر سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن مان هڪ آهي. ڊاڪٽر ابوپوٽي يو ايس ايڊ جي فنڊنگ سان هلندڙ ايس اِي بي پي پروگرام تحت اتر سنڌ ۾ 106 کان وڌيڪ اسڪولن جي قيام ۾ آمريڪي حڪومت جي سهڪار کي ساراهيو.