واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي فوج پنهنجي پائلٽس کي عارضي طور تي گرائونڊ ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي فوج جي سربراهه طرفان اهو فيصلو تازو ئي پيش آيل حادثن سبب ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ آمريڪي چيف آف آرمي اسٽاف اهم آپريشنز ۾ حصو نه وٺندڙ پائلٽس کي فوري طور تي گرائونڊ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب هاڻوڪن ڪجهه هفتن ۾ آمريڪي فوج جي هيليڪاپٽرن کي پيش آيل حادثن ۽ انهن ۾ فوتگين سبب پائلٽس جي وڌيڪ گھربل تربيت جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آمريڪي فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته روٽين جي ايئر آپريشنز جي معطلي فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي اهي ۽ جن يونٽس جي پائلٽس کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي انهن کي هاڻ مڪمل تربيت ڏني ويندي.