آئيوا(انٽريسٽنگ نيوز)آمريڪي رياست آئيووا ۾ هڪ عجائب گھر جي مالڪ ڪِمي پول دعويٰ ڪئي آهي ته وٽس دنيا جو سڀ کان وڏو چمچن جو مجموعو آهي، جنهن جو تعداد 38,162 آهي، ڊيوين پورٽ ۾ مسيسپي اسپون گيلري جي مالڪ ڪِمي پال چيو ته، “مان پنهنجو نالو گنيز ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهيان. ان مقصد لاءِ، مون ٻن درجن کان وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ پنهنجي ڪليڪشن کي مڪمل طور تي ڪيٽلاگ ڪيو آهي.” هي رڪارڊ هن وقت آسٽريليا جي ڊيس وارن وٽ آهي، جنهن 1990 ۾ 30,000 چمچا گڏ ڪيا هئا. ڪيمي پول وضاحت ڪئي ته منهنجي ڪليڪشن ۾ صرف چمچا آهن، مون وٽ اهڙا ناياب چمچا به آهن جيڪي صديون پراڻا آهن. ڪيمي پول چوي ٿي ته سندس عجائب گھر نه رڳو ماڻهن کي انهن چمچن جي خوبصورتي ڏيکارڻ لاءِ آهي، پر انهن کي چانديءَ جي ڪم جي فن بابت تعليم ڏيڻ لاءِ پڻ آهي. هن چيو ته ماڻهو انهن چمچن کي فن نٿا سمجهن، پر انهن تي نازڪ نقاشي تمام گهڻي پرڪشش آهي. جيڪڏهن مان هي رڪارڊ حاصل ڪري وٺان ٿو، ته مان دنيا کي ڏيکاري سگهندس ته چمچا پڻ فن جو ڪم ٿي سگهن ٿا.ڪِمي پول کي اميد آهي ته جلد ئي کيس گنيز ورلڊ ريڪارڊز کان سرڪاري اعلان ملندو ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي چمچ جي ڪليڪشن جي مالڪ سڏيو ويندو.