نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ عورت 50 هزار ڊالر جي لاٽري کٽڻ جي رڳو هڪ مهيني بعد هڪ لک ڊالر جي هڪ ٻي لاٽري کٽي ورتي، ميري لينڊ سان تعلق رکندڙ عورت ٻڌايو ته هن 10 ڊالر ۾ اسڪريچ آفس جا پنج لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪيا ۽ 100000 ڊالر ڪراس ورڊ ٽڪٽ جو ٽاپ انعام کٽي ورتو، عورت لاٽري خريد ڪرڻ بعد ترڪيب ٻڌائيندي چيو ته ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کان اڳ اها ڏسندي آهي ته ڪنهن لاٽري ۾ سڀ کان وڌيڪ وڏن انعامن جو انگ رهجي ويو آهي، عورت جو چوڻ هيو ته انعامي رقم جو ڪجهه حصو اها پنهنجي گهر جي مرمت ۾ استعمال ڪندي.