بيجنگ(م ڊ) چين نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر صدارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته گڏيل احترام جي بنياد تي امريڪا سان گڏ ڪم جاري رکنداسين. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا لاءِ چين جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي، آمريڪي عوام جي چونڊن جو احترام ڪريون ٿا.