اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس منصور علي شاهه ڊاڪٽرياڻي کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪم واري هنڌ هراسمينٽ عالمي مسئلو آهي. لکين ماڻهو اِن سان متاثر ٿيندا آهن. مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي وڌيڪ هراسمينٽ کي منهن ڏيڻو پئجي ٿو. عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس 2024ع جي مطابق دنيا جي 146 ملڪن مان پاڪستان 145 نمبر تي آهي. آمريڪا جي سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ چيو ته يرغمالي ماحول به هراسگي جي تعريف ۾ ايندو آهي. جنسي هراسمينٽ جنسي تعلق يا رسمي حيثيت جي متعلق ناهي. هي طاقت متعلق آهي. هر جنس مرد، عورت ٽرانسجينڊر جي لاءِ محفوظ ۽ هراسمينٽ کان آزاد ڪم جي جاءِ جو حق آهي. آزاد ڪم جو حق آئيني طور تي زندگي، آزادي، وقار ۽ برابري جي ضمانتن سان جڙيل آهي. ليڊي ڊاڪٽر پنهنجي ڊرائيور جي خلاف هراسمينٽ جي معاملي تي پنجاب متحسب سان رابطو ڪيو هيو. محتسب ڊرائيور محمد دين کي جبري رٽائرڊمينٽ جي سزا ڏني. ڊرائيور گورنر پنجاب کي اپيل موڪلي جيڪا رد ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ به جبري رٽائرڊمينٽ جي خلاف درخواست رد ڪئي هئي.