آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2026 جي نوبل امن انعام لاءِ باضابطه طور تي نامزد ڪيو ويو آهي، آمريڪي ميڊيا موجب جارجيا کان ريپبلڪن ڪانگريس مين بڊي ڪارٽر صدر ٽرمپ جي نامزدگي لاءِ نوبل ڪميٽي کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڪارٽر ٽرمپ جي ڪردار کي غير معمولي ۽ تاريخي قرار ڏنو آهي، بڊي ڪارٽر لکيو ته ٽرمپ کي دنيا جي سڀ کان وڏي رياستي سرپرست کي خطرناڪ هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ هٿياربند تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ سندس غير معمولي ۽ تاريخي ڪردار جي اعتراف ۾ نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو وڃي، واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ناروي جي نوبل ڪميٽي کي خط به موڪليو هو جنهن ۾ ٽرمپ کي نوبل امن انعام ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. پاڪستان چيو هو ته ٽرمپ جي مداخلت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ ختم ڪري ڇڏي