ڪراچي(م ڊ) آمريڪي صدر جي سالياني پگهار 11 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته کيس پگهار کان علاوه پنهنجي خرچن لاءِ 50 هزار ڊالر ۽ تفريح لاءِ 19 هزار ڊالرز به ملن ٿا، ان کان علاوه ان کي سفر جي خرچ لاءِ هڪ لک ڊالر جي رقم به ملي ٿي جنهن تي ٽيڪس لاڳو ناهي هوندو. پاڪستان جي صدر جي پگهار 8 لک 96 هزار رپيا آهي، ان کان علاوه ٻيون سهولتون به آهن، هندستان جي صدر جي پگهار 16 لک رپيا پاڪستاني آهي.