آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه پٽي تي قبضو ڪرڻ ۽ اُتان جي فلسطيني رهواسين کي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. هن چيو آهي ته، ان سان بيشمار نوڪريون ۽ رهائش جا موقعا پيدا ٿيندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته، هُو غزه تي ڊگهي مدي لاءِ قبضو ڪرڻ بابت سوچي رهيو آهي، جنهن جي قيادت آمريڪا ڪندو. وائيٽ ھائوس ۾ اسرائيل جي وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي، آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا غزه جي پٽي جو انتظام سنڀالي سگهي ٿو ۽ ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڪم ڪري سگهي ٿو، صدر ٽرمپ چيو ته، اسان هن علائقي کي پنهنجي زمين جيان اپنائينداسين، ان کي ترقي ڏيارينداسين ۽ هزارين نوڪريءَ جا موقعا پيدا ڪنداسين. اسرائيلي وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ جي تجويز تي سڀني کي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تجويز کي عالمي سطح تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ تنظيمن هن منصوبي کي بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ لامي، ايران ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن هن تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي.
مس مس ٿڌي ٿيل جنگ جي باھ کان پوءِ وچ اوڀر ۾ جيڪا امن جي اُميد پيدا تي آهي، صدر ٽرمپ جي غزه تي قبضي واري منصوبي سان وري جنگ جا شعلا خطي کي وڪوڙي سگھن ٿا. توڙي جو ان منصوبي جي مخالفت نه صرف عالمي سطح تي پر خود آمريڪا ۾ به ٿي رهي آهي. هن تجويز جي مخالفت ۾ وائيٽ هائوس جي ٻاهران احتجاجي مظاهرا پڻ ٿيا آهن، جيڪي هن منصوبي جي خلاف عوام جي غصي جو اظهار آهن. ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن ٻنهي پارٽين جي سياستدانن هن تي تنقيد ڪئي آهي. اسرائيلي وزيراعظم محتاط طريقي سان ان جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته سعودي عرب فلسطيني رياست جي حمايت بابت پنهنجي موقف کي ورجايو آهي. پريس ڪانفرنس دوران، جڏهن صدر ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا سعودي عرب فلسطيني رياست جو مطالبو ڪري رهيو آهي؟ ته ان تي هن چيو ته هو اهڙو مطالبو نه ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف، سعودي وزارتِ خارجه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فلسطيني عوام سان لاڳاپيل سعودي عرب جو موقف اٽل آهي. فلسطيني عوام کي سندن زمين تان بي دخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪريون ٿا. اھا حقيقت آهي ته، غزه تي قبضي وارو صدر ٽرمپ جو هي منصوبو نه فقط بين الاقوامي قانونن جي خلاف آهي پر وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. فلسطيني ماڻهن کي سندن سرزمين مان بي دخل ڪرڻ ۽ غزه تي آمريڪي قبضي خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان کان علاوه، هِي قدم دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ کي پڻ هٿي ڏئي سگهي ٿو، جيڪو عالمي امن لاءِ خطرو آهي. عالمي برادري کي هن منصوبي جي مخالفت ۾ گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام جي حقن ۽ سندن زمين جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ گُهرجن. اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري امن لاءِ ضروري آهي ته ٻئي ڌريون ڳالهين ذريعي ٻن رياستن واري حل ڏانهن اڳڀرائي ڪن، جيڪو عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي.
صدر ٽرمپ جو هي منصوبو نه فقط اخلاقي ۽ قانوني طور تي اعتراض جوڳو آهي پر عملي طور تي پڻ ناقابل عمل لڳي ٿو. فلسطيني ماڻهن کي سندن سرزمين مان بي دخل ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن ۾ آباد ڪرڻ هڪ پيچيده ۽ مشڪل عمل آهي، جيڪو وڌيڪ انساني بحرانن کي جنم ڏئي سگهي ٿو. ان کان علاوه، هن منصوبي سان آمريڪا جي عالمي ساکَ کي به نقصان پهچي سگهي ٿو. آمريڪا کي هڪ غيرجانبدار ٽياڪڙ طور ڏٺو ويندو رهيو آهي، پر اهڙا هڪ طرفا قدم ان جي غيرجانبداري تي سوال اُٿاري سگهن ٿا. مجموعي طور تي، صدر ٽرمپ جو غزه تي قبضو ۽ فلسطيني ماڻهن جي بي دخلي جو منصوبو نه فقط بين الاقوامي قانونن جي خلاف آهي پر وچ اوڀر ۽ عالمي امن لاءِ به سنگين خطرو آهي. عالمي برادريءَ کي گڏجي ان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام جي حقن ۽ سندن سر زمين جي حفاظت لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گُهرجن.