آمريڪي صدارتي چونڊن جو عمل پورو ٿي ويو آهي پر نتيجن ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا. ڪالهه اڱاري جو ڏينهن ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس ۽ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ووٽرن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي نظر آيا. ڪيترا هفتا اڳ، صورتحال هڪ تمام سخت مقابلي جو اشارو ڏئي رهي هئي، جتي ڪنهن اميدوار کي ووٽن جي ڏينهن ۾ ڪا برتري نه هئي. چونڊن جو نتيجو، جيڪو به اچي، آمريڪي سياست ۽ پاليسين کي ايندڙ چئن سالن لاءِ ترتيب ڏيندو. اهو عمل تاريخي پڻ هوندو، ڇو ته ووٽر يا ته پهرين عورت صدر ڪملا هيرس کي چونڊيندا يا “ڏوهاري” ٽرمپ کي صدر بڻائيندا. چونڊ مهم جي آخري مرحلي ۾، ٻنهي اميدوارن ملڪ جي مستقبل لاءِ بلڪل مختلف تصور پيش ڪيو آهي. انهن اهم مسئلن تي به مختلف راءِ ڏني آهي، جهڙوڪ، معيشت، لڏپلاڻ، عورتن جا حق ۽ جمهوريت. هيرس واعدو ڪيو آهي ته، هوءَ ٽرمپ جي تڪراري بيانن کان هٽي نئون باب کوليندي. هن پاڻ کي نئين نسل جي اڳواڻ طور پيش ڪيو آهي، جيڪا وچولي طبقي کي مضبوط ڪندي، عورتن جي حقن جو تحفظ ڪندي ۽ آمريڪا جي ادارن توڙي ملڪ کي اندروني ۽ بيروني طرح مضبوط ڪيو ويندو. هوءَ غزه ۽ لبنان ۾ آمريڪا طرفان اسرائيل جي جنگ جي حمايت تي مظاهرن کي منهن ڏئي رهي آهي. ٻئي طرف، ٽرمپ آمريڪا کي “سُنهري دور” ڏانهن واپس وٺي وڃڻ جو واعدو ڪيو آهي. هن ان لاءِ منصوبو پيش ڪيو آهي ته اقتصادي ضابطن کي نرم ڪبو، پرڏيهين تي سختي ڪئي ويندي ۽ آمريڪا جي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو. اڪثر سندس بيان نسل پرستي جي سوچن تي ٻڌل هوندا آهن. اميدوارن جي پاليسين ۾ واضح فرق آهي، پر اهم پاليسين تي ٻنهي ۾ اتفاق آهي. هن سال جي چونڊن جو نتيجو اهم آهي. ٽرمپ هن مقابلي کي 2024 جي “سڀ کان اهم” چونڊ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته هيرس چيو آهي ته اها ووٽرن جي زندگيءَ جي “سڀ کان اهم” چونڊ آهي. ٻنهي اميدوارن چونڊن کان اڳ جا 24 ڪلاڪ اهم رياستن ۾ مهم تي گذاريا. “توهان جي ووٽ سان سڀاڻي، اسان هر مسئلو حل ڪري سگهون ٿا ۽ نه صرف آمريڪا کي، پر حقيقت ۾، سڄي دنيا کي نئين عظمت جي بلندي تي وٺي وڃي سگهون ٿا،” ٽرمپ چيو، جڏهن هن پنهنجي مهم جي آخري جلسي ۾ آخري تقرير ڪئي، جيڪو سوئنگ اسٽيٽ مشيگن جي گرينڊ ريپيڊس ۾ صبح سوير ٿيو. هيرس چيو، “هلچل اسان جي حق ۾ آهي،” جڏهن هن فلاڊيلفيا ۾ پنهنجي مهم کي ختم ڪيو.
ڪيترين ئي رياستن ۾ سيپٽمبر کان ئي، قبل از ووٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو هو، لکپڙهه ذريعي يا شخصي طور. فلوريڊا يونيورسٽي جي اليڪشن ليب مطابق، اڱاري جي چونڊن کان اڳ تقريباً 81 ملين ووٽر پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا هئا. اهو 2020ع جي صدارتي چونڊن جي 158.4 ملين ووٽن کان وڌيڪ آهي، ۽ اهو ثبوت آهي ته هن سال ڪجهه هنڌن تي قبل از ووٽنگ جو وڏو رڪارڊ قائم ٿيو آهي. اليڪشن وارو ڏينهن آخرڪار نه رڳو اهو ظاهر ڪندو ته ڪهڙو اميدوار سرِ فهرست آهي، پر آمريڪي ووٽرن جي بدلجندڙ مزاج کي به سامهون آڻيندو. پهريون ووٽنگ سينٽر سومر جي اڌ رات، اوڀر وقت مطابق (05:00 GMT، اڱارو) تي، نيو هيمپشائر جي ننڍي شهر ڊڪسويل ناچ ۾ ٽيڪنيڪي طور تي کوليو ويو. ايندڙ ووٽنگ سينٽر صبح 5 وڳي اوڀر وقت (10:00 (GMT تي ورمونٽ ۾ کليو. ٻين ووٽنگ سينٽرن ۾ ووٽنگ صبح سوير آمريڪا جي 50 رياستن جي علائقن ۾ شروع ٿي. نتيجا اچڻ ۾ ڪلاڪ يا ڏينهن لڳي سگهن ٿا. رياستون پولنگ بند ٿيڻ کان اڳ ووٽن جو ڳڻپ شروع نه ٿيون ڪري سگهن. نتيجا تقريباً شام 6 وڳي کان اچي شروع ٿيندا، جڏهن پهرين پولنگ انڊيانا ۽ ڪنٽڪي جهڙين رياستن ۾ بند ٿيندي. آخري پولنگ مغرب ۾ سڀ کان پري واقع رياستن، الاسڪا ۽ هوائي ۾، اڱاري جي اڌ رات تي بند ٿيندي. ان کان پوءِ، نتيجن جي وقت جو دارومدار انفرادي رياستن تي هوندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ هڪ مرڪزي اليڪشن سسٽم ناهي. هر رياست پنهنجن ووٽن جي ڳڻپ جي ذميوار آهي. جيترو فرق گهٽ هوندو، اهو عمل اوترو ئي ڊگهو ٿي سگهي ٿو. سڀ نظرون انهن ستن اهم رياستن تي آهن، جيڪي امڪاني طور نتيجي جو فيصلو ڪنديون: ايريزونا، جارجيا، مشيگن، پينسلوانيا، وسڪانسن، نيواڊا ۽ اتر ڪيرولائنا.
آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن جو فيصلو عوامي ووٽ ذريعي نه پر اليڪٽورل ڪاليج نظام سان ڪيو ويندو آهي. هن نظام تحت، هر رياست هڪ خاص تعداد ۾ اليڪٽورل ڪاليج ووٽن جو انگ رکي ٿي، جيڪو ان رياست ۾ سينيٽرز ۽ نمائندن جي تعداد جي برابر آهي. مثال طور، سوئنگ اسٽيٽ اتر ڪيرولينا جي آبادي جي بنياد تي 14 نمائندا آهن. هر رياست مان ٻه سينيٽر هوندا آهن، جنهن سان اتر ڪيرولينا جا ڪل 16 اليڪٽورل ڪاليج ووٽ ٿين ٿا. صدارتي مقابلي ۾ ڪنهن رياست جو نتيجو اهو طئي ڪري ٿو ته ڪهڙو اميدوار ان رياست جا اليڪٽورل ڪاليج ووٽ حاصل ڪندو. جيڪڏهن ڪو اميدوار، معمولي فرق سان به، رياست کٽي وڃي، ان جا سڀ اليڪٽورل ڪاليج ووٽ حاصل ڪري ٿو. مجموعي طور تي آمريڪا ۾ 538 اليڪٽورل ڪاليج ووٽ آهن. جيڪو به 270 جي حد کي پار ڪري ٿو، مقابلو کٽي وڃي ٿو، ڇو ته ڪجھ رياستون هميشه ريپبلڪن يا ڊيموڪريٽ جي حق ۾ هونديون آهن، هيرس کي آسانيءَ سان 226 اليڪٽورل ڪاليج ووٽ حاصل ٿي سگهن ٿا، ۽ ٽرمپ کي 219 ووٽ حاصل ٿيڻ جي اميد آهي.
تاريخ ساز مقابلو
ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪو 78 ورهين جو آهي، ريپبلڪن پارٽي جي مرڪزي شخصيت بڻجي چڪو آهي ۽ هڪ اهڙي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي آهي، جيڪا آمريڪا جي چونڊ عمل ۾ شڪ پيدا ڪري چڪي آهي. ٽرمپ پهريون ڀيرو 2016 ۾ ڊيموڪريٽ هيلري ڪلنٽن تي حيرت انگيز فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيو. پر هو 2020 ۾ ٻيهر چونڊ کٽڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن جو بائيڊن کيس ووٽن ۾ شڪست ڏني. بهرحال، ريپبلڪن اڳواڻ ڪڏهن به شڪست قبول نه ڪئي ۽ ان جي بدران دعويٰ ڪئي ته وڏي پئماني تي ووٽر فراڊ کيس هارايو، جيڪا هڪ بي بنياد دعويٰ آهي. نقادن جو چوڻ آهي ته 2020 ۾ شڪست کان پوءِ، ٽرمپ واقعي ڪڏهن به مهم بند نه ڪئي ۽ پنهنجي اميدوار بڻجڻ جو بنياد رکيو. هن سرڪاري طور تي 2022 ۾ پنهنجي فلوريڊا واري ريزورٽ تي ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. پر سندس مهم کي ڪڏهن ڪڏهن عدالتن جي ڪيسن ڌڪ رسايو. ٽرمپ پهريون صدر آهي، ماضي يا حال ۾، جيڪو فوجداري الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن خلاف چار الڳ الڳ فرد جرم لاڳو ڪيا ويا آهن: هڪ ّفيه دستاويزن کي روڪڻ تي، هڪ ڪاروباري رڪارڊ ۾ ڪوڙ تي، ۽ ٻه 2020 جي چونڊ نتيجن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن تي. نيويارڪ ۾ ڪاروباري رڪارڊ واري ڪيس ۾، ٽرمپ کي 34 سنگين ڏوهن تي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. پر سندس ڪيسن ٻيهر چونڊ جي اميدن کي گهٽائڻ بدران، سندس حامين کي وڌيڪ جوش ڏياريو آهي. ٽرمپ مٿس لڳايل سڀني الزامن کي غلط قرار ڏنو آهي ۽ انهن الزامن کي هڪ منظم سازش قرار ڏنو آهي، جنهن جو مقصد سندس صدارتي مهم کي ناڪام بڻائڻ آهي. پر هو وائيٽ هائوس لاءِ ڊوڙ ۾ پهچندڙ واحد اميدوار نه هو، جنهن کي تاريخي رڪاوٽون درپيش هيون.
ٽرمپ جي ڊيموڪريٽ حريف هيرس اٽڪل ٽي مهينا اڳ تائين اميدوار به نه هئي. شروعات ۾، اپريل 2023 ۾، صدر بائيڊن ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هن رياستي سطح تي مقابلي ۾ آسانيءَ سان ڊيموڪريٽ پرائمري سيزن پار ڪئي، جتي هن جي خاص مزاحمت نه ٿي. پر جيئن ئي هن مهم ۾ قدم رکيو، هن جي 81 ورهين جي عمر ۽ صلاحيت بابت خدشا وڌڻ لڳا. مثال طور، فيبروري ۾ جاري ٿيل خاص ڪائونسل جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته بائيڊن کي ياد نٿو رهي. بائيڊن ڪجھه وڏيون غلطيون ڪيون، جهڙوڪ مصري صدر عبدالفتاح السيسي کي “ميڪسيڪو جو صدر” چوڻ. بائيڊن بابت خدشا جون ۾ هڪ مباحثي دوران وڌي ويا، جتي صدر پنهنجي ڳالهه ڪندي ڪندي وچ ۾ وساري ويٺو. جولائي تائين، بائيڊن اوچتو ڊوڙ مان نڪري ويو، ۽ ڊيموڪريٽن فوري طور تي سندس نائب صدر، هيرس جي پٺڀرائي ڪئي. آگسٽ جي شروعات تائين، ڪافي ڊيموڪريٽ نمائندا هيرس جي حمايت ۾ هڪ ورچوئل ووٽ ۾ شامل ٿيا، جنهن سان هوءَ صدارتي اميدوار مقرر ٿي. پر اهو هڪ غير روايتي عمل هو. اڳ ۾ ڪڏهن به ڪو موجود صدر ائين ڊوڙ مان نه نڪتو هو. چئن سالن کانپوءِ به، ٽرمپ اهو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته 2020 جي چونڊ چوري ٿي هئي. تجزيه نگارن خبردار ڪيو آهي ته هو ۽ سندس حامي 2024 جي چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن نتيجا هن جي حق ۾ نه آيا. ان جو مطلب آهي ته آمريڪي سياست مٿان مهينن کان ڇانيل ‘غير يقينيءَ جا ڪڪر’ شايد ايترو جلدي نه هٽندا.