ٽيڪساس(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شهري مشهور ڳائڻِي ٽيلر سوفٽ جو گٽار 4000 ڊالرن ۾ خريد ڪرڻ کان پوءِ ان کي هٿوڙا هڻي ڀڃي ڇڏيو. ايلس ڪائونٽي، ٽيڪساس ۾ ٽيلر سوفئٽ جي آٽوگراف وارو گٽار 4 هزر ڊالرن ۾ نيلامي مان خريد ڪيو. جنهن پاران گٽار ٽوڙڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. هي ڇرڪائيندڙ واقعو ڊيلاس، ٽيڪساس جي ٻاهر ايلس ڪائوڻٽي وائلڊ گيم ۾ منجھند جي مانيءَ وقت پيش آيو، جيڪو مقامي نوجوانن لاءِ زرعي تعليم ۾ مدد گار طور هڪ غير منافعي بخش پروگرام هو. گٽار ٿرڊ پارٽي پاران نيپالي لاءِ عطيو ڪيو ويو هو. واقعي جي وڊيو ۾ اڇن وارن اوري هڪ ڪراڙي شخص کي گٽار جھلي ان کي هٿوڙا هڻي ٽوڙيندي ڏسي سگھجي ٿو. ڪجهه ماڻهو جو چوڻ هو ته گٽار ڀڃڻ جو سبب ٽيلر سوئفٽ پاران 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ ٽيلر سوئفٽ پاران ڪملا هيرس جي حمايت خلاف احتجاج هو.