ايريزونا(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ باسڪيٽ بال ٽرڪ شاٽس جي ماهر اکيون بند ڪري 60 فوٽن جي مفاصلي تان انڊر هينڊ شاٽ اسڪور ڪري گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. آمريڪا رياست ايريزونا جي شهر اسڪاٽس ڊيل سان تعلق رکندڙ 32 سالن جي جيريمي ويئر هي ٽيون گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن ان کان اڳ ۾ سوئس بال تي سڀ کان وڌيڪ (37) ڀيرا اٿ ويهه ڪرڻ ۽ ڊگهي مفاصلي (85 فوٽ 5 انچ) تان باسڪيٽ بال جو شاٽ هڻڻ جو رڪارڊ پڻ قائم ڪري چڪو آهي. گينيز ورلڊ رڪارڊ سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن مان باسڪيٽ طرف اکيون بند ڪري ٿرو ڪيو، تڏهن به هن وٽ هڪ ريفرنس پوائنٽ هئي ۽ اهو پوئتي ڏسي سگهي پيو، پر ان رڪارڊ لاءِ اهو ڪجهه مختلف هو ڇو ته اکين جي سامهون مڪمل اونداهو هو.