اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪي سفير جي نواز شريف سان ملاقات کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ سنگين مداخلت قرار ڏنو آهي، ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته نواز شريف ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ لو جي ملاقات ان سازش جو تسلسل آهي جنهن تحت عمران جي حڪومت ختم ڪئي وئي، ملاقات سان پوري سازش وائکي ٿي وئي آهي. تحريڪ انصاف چيو ته شريف خاندان پنهنجي اقتدار لاءِ هر ٻاهرين ۽ اندرين واپاري سان پاڪستان جي مفادن جي سوديبازي ڪئي آهي، نواز شريف جڏهن به وزيراعظم ٿيو ته قومي مفاد ملڪي ۽ غيرملڪي طاقتن وٽ گروي رکيا آهن، اليڪشن ڪميشن ملاقات جو نوٽيس وٺي، پرڏيهي وزارت ذريعي آمريڪي سفارتخاني ۽ آمريڪي انتظاميا کان وضاحت طلب ڪري، چونڊن جي شفافيت لاءِ ڪا به ڳجهي سازش قبول نه ڪنداسين.