راولپنڊي(م ڊ) آمريڪي سفارتخاني جي وفد کي اڊيالا جيل ۾ فارين ايڪٽ تحت قيد 3 آمريڪي شهرين تائين قونصلر رسائي ڏني وئي، آمريڪي سفارتخاني جي 3 رڪني وفد جيل پهچڻ بعد ايڊيشنل سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ٽنهي آمريڪي جوابدارن سان ملاقات ڪئي، وفد کي آمريڪي شهرين عابد ملڪ، صديقه سعيد ۽ ايلڪس پليڊو تائين قونصلر رسائي ڏني وئي، هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات بعد وفد اڊيالا جيل مان روانو ٿي ويو، آمريڪي سفارتخاني جي وفد ۾ عرفان جان، مائيڪ مرفي ۽ راحيل جاويد شامل هئا.