الاسڪا (م ڊ) آمريڪي رياست الاسڪا ۾ اڄ صبح جو سوير 7.2 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. آمريڪي زلزلي ماپيندڙ مرڪز پهريان زلزلي جي اونهائي 9.3 ڪلوميٽر ۽ شدت 7.4 ٻڌائي هئي پر پوءِ تبديل ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ ٻڌايو ويو ته زلزلي جي اونهائي 32.6 ڪلوميٽر جڏهن ته ان جي شدت 7.2 هئي. آمريڪي سونامي وارننگ سسٽم طرفان زلزلي کان پوءِ ويجهن علائقن لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي هئي پر پوءِ ان کي واپس ورتو ويو. الاسڪا جي زلزلي ماپيندڙ مرڪز ٻڌايو ته Aleutian آءِ لينڊز ۾ شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، پر فوري طور تي ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهن مليا. مرڪز موجب ان زلزلي سبب تمام گھٽ ماڻهو متاٿر ٿيڻ جو امڪان آهي ڇو جو انهن علائقن ۾ آبادي نه هجڻ جي برابر آهي. واضح رهي ته الاسڪا جي ان علائقي ۾ اڪثر زلزلا ايندا رهندا آهن.