ڪيليفورنيا (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا سان تعلق رکندڙ 33 ورهين جي زوا ور فِل موئي يوٽاهه جي پارڪ سٽي ۾ مڱڻي جو فوٽو ڪڍرائڻ دوران مڱڻي واري منڊي ئي وڃرائي ويٺي. عورت فوٽگرافر سبرينا بوپلڪي زو جي آڱر مان ان جي آڱر مان منڊيءَ کي غائب ڏٺو. فِل موئي جو چوڻ هو ته فوٽو شوٽ کي 10 منٽ ئي گذريا هئا جو سندس منڊي برف ۾ وڃائجي وئي. انهن ٻنهي کي تمام گهڻي مايوسي ٿي رهي آهي. جوڙو فوٽگرافر ۽ ڪيترن ئي واٽهڙن ڪلاڪن جا ڪلاڪ برف ۾ منڊي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. پارڪ سٽي ان جي پيٽرول مدد جي لاءِ ميٽل ڊٽيڪٽر کڻي آيا پر آخرڪار فل موئي کي برف ۾ چمڪندڙ منڊي هٿ اچي وئي. ڪِم زو ٻڌايو ته جيئن ئي منڊي فِل کي ملي ته هن رڙ ڪري چيو “مون کي ملي وئي“ ۽ هوءَ خوشيءَ وچان روئڻ لڳي.