توهان اهڙيون ڪهاڻيون ته ضرور ٻُڌيون هونديون ته ڪو شخص ڪيترائي ووٽ وجهي ڇڏي، ماڻهو پنهنجن مائٽن جي نالن تي ووٽ وجهي ڇڏين يا وري پوسٽ ذريعي ووٽ کي رستي ۾ روڪي ڇڏيو وڃي. ڇا آمريڪا ۾ به ائين ٿئي ٿو؟ آمريڪا ۾ ووٽر ‘فراڊ’ ڪڏهن ڪڏهن ضرور ٿئي ٿو ۽ جڏهن ائين ٿئي ٿو ته اسان ان بابت گهڻو ڪجهه ٻُڌون ٿا. ان جي نشاندهي پڻ ڪئي وڃي ٿي ۽ ملوث ماڻهن کي الزامن سان قانون کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. چونڊون منظم ڪرڻ وارا عملدار چون ٿا ته، آمريڪا جو ڪيترن ئي مرحلن تي ٻڌل چُونڊ عمل اهڙو محفوظ آهي جو ووٽر فراڊ پڪڙي وڃي ٿو ۽ اهو ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿئي ٿو.
ووٽر فراڊ اليڪشن تي ڇو اثرانداز نٿو ٿئي؟
آمريڪي اليڪشن هڪ غير مرڪزي نظام تحت ٿئي ٿي، جنهن ۾ هزارين علائقن کي پنهنجو آزاد دائره اختيار حاصل آهي. اهڙي ريت وڏي پيماني تي جعلي ووٽ وجھڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ۽ صدارتي مقابلي يا ڪنهن ٻئي مقابلي جا نتيجا تبديل نٿا ڪري سگهجن. ريپبلڪن پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪينٽڪي جي اڳوڻي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ محفوظ اليڪشن منصوبي جي چيئرمين ٽري گريسن چوي ٿو ته، چونڊ نظام شايد ڪڏهن به مڪمل طور تي غلطي کان پاڪ نه ٿي سگهي. پر جيڪڏهن توهان اهڙي نظام جي ڳولا ۾ آهيو، جنهن تي توهان کي اعتماد هجي، ته آمريڪا ۾ رهندي توهان کي ان بابت سٺو محسوس ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هتي خودمختيار رياستون آهن. سندس چوڻ آهي ته، آمريڪي نظام ۾ اليڪشن ۾ وڏي پيماني تي ووٽ جي ڌانڌلي اهڙي طريقي سان ممڪن ناهي، جنهن سان نتيجا ئي بدلجي وڃن.
ووٽر فراڊ کي ڪهڙيون شيون روڪين ٿيون؟
هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽ وجھڻ، ووٽنگ پيپرن ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ، پنهنجي ايڊريس غلط ٻڌائي ڪنهن ٻي جاءِ تي ووٽ وجھڻ يا وري ڪنهن ٻئي شهري جي نالي تي ووٽ وجھڻ اهڙا ڏوهه آهن، جن جي سزا ۾ وڏا ڏنڊ ۽ جيل جي سزا شامل آهي. آمريڪا ۾ رهندڙ غير آمريڪي ماڻهو، جيڪڏهن اليڪشن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪن، ته انهن کي ملڪ بدر به ڪيو وڃي ٿو. ان جي باوجود، جيڪڏهن ڪو فرد دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، ته آمريڪي نظام ۾ تحفظ ۽ شفافيت جا ڪيترائي مرحلا ان عمل کي ممڪن ٿيڻ کان روڪين ٿا. وٽ ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪري ماڻهن کي پاڻ وڃڻ جي صورت ۾، اڪثر رياستن ۾ ووٽرن کي سڃاڻپ لاءِ شناختي ڪارڊ ڏيکارڻو پوي ٿو. اهڙي طرح ٻين طريقن ۾ ووٽرن کي سندن نالو ۽ گهر جو پتو ٻڌائي، چونڊ ڪتاب ۾ صحي ڪري يا حلف نامو ڏئي پنهنجي سڃاڻپ ثابت ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبليءَ لاءِ 27 سالن تائين چونڊون وڙھندڙ ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ گيل پيليرين جو چوڻ آهي ته، اهي ماڻهو، جيڪي تازو فوت ٿيل ڪنهن دوست يا خاندان جي فرد جي جاءِ تي ووٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن کي موت جي رڪارڊ جي تازي فهرست مطابق پڪڙي سگهجي ٿو. سندس چوڻ آهي ته، جيڪي ماڻهو ڪنهن ٻئي جي جاءِ تي ووٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن کي اهو خطرو هوندو آهي ته شايد جنهن ماڻهوءَ جو ووٽ وجھڻ لاءِ آيا آهن، ان کي پولنگ اسٽيشن تي ڪو سُڃاڻندو هجي. اهو به ٿيندو آهي ته اهو فرد پوءِ پنهنجو ووٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪري.
ڪڏهن ڪڏهن ووٽر جو فراڊ اهو نه هوندو آهي، جيڪو نظر اچي ٿو، سال 2020ع جي اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ، سوشل ميڊيا تي انهن دعوائن جي ڀرمار هئي ته مرده ماڻهن ووٽ وڌا، ماڻهن ٻه ٻه ڀيرا ووٽ وڌا ۽ ڪيترائي ووٽ ڦاڙي ڦٽو ڪيا ويا. اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي قسم جا دعويٰ ڪيا هئا ۽ هو اڃا تائين انهن دعوائن کي وڌائي پيش ڪري رهيو آهي. پر انهن مان اڪثر الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو. مقابلي وارين رياستن ۾ ووٽر فراڊ جي جاچ مان ظاهر ٿيو ته، لکين ووٽرن ۾ صرف 475 ووٽر فراڊ جا ڪيس سامهون آيا. اهو تعداد ايترو وڌيڪ نه هو، جو اليڪشن جي نتيجي تي ڪو به اثر وجهي سگهي. ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن ڇهه سوئنگ اسٽيٽس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اي پي جي جائزي مان ظاهر ٿيو ته جعلي ووٽ جي معاملي تي ڪنهن قسم جي سازش نه ٿي هئي، ۽ هر ڪيس ۾ ملوث فردن پنهنجي ذاتي سطح تي اضافي ووٽ وڌا. هڪ ڪيس ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته هڪ شخص ان غلط فهمي سبب ووٽ وڌو ته ضمانت تي آزاد ماڻهو به ووٽ وجهي سگهن ٿا. هڪ ٻئي ڪيس ۾ هڪ عورت تي شڪ ڪيو ويو ته هن پنهنجي مرحوم والدہ جي جاءِ تي ووٽ وڌو.
(Courtesy: VOA)