واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي رياست فلوريڊا جي گورنر ۽ ايندڙ صدارت لاءِ اميدوار رون ڊي سينٽس آمريڪي صدر جو بائيڊن جي غزا کي 10 ڪروڙ ڊالر امداد ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته غزا پٽي جي ماڻهن کي آمريڪا جي شهرين جي ٽيڪس جو پئسو نه ملڻ گهرجي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته حماس آمريڪين کي يرغمال بڻايو ويٺي آهي ۽ بائيڊن کي فنڊ ڏيڻ چاهي ٿو؟ هن چيو ته آئون هر ريپبلڪن کي چوان ٿو ته هو حماس کي ملندڙ بائيڊن جي 10 ڪروڙ ڊالرن جي تحفي جي مخالفت ڪري. ان عمل جي گڏيل  قومن جي اڳوڻي سفير نڪي هيلي به حمايت ڪئي آهي.