ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ ڊالر 35 پئسا، ڪيناڊين ڊالر هڪ رپيو، سعودي ريال 35 پئسا سستو، پائونڊ 5 پئسا، جاپاني ين هڪ پئسو، يورو هڪ رپيو 25 پئسا مهانگو ٿي ويو. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت 285 رپيا 15 پئسا رهي جيڪا هڪ ڏينهن اڳ 285 رپيا 50 پئسا هئي. ڪيناڊين ڊالر جي 211 مان گهٽجي 210 رپيا، سعودي ريال جي 76 رپيا 50 پئسا مان 76 رپيا 15 پئسا ٿي وئي. برطانوي پائونڊ جي قيمت 387 رپيا 65 پئسا مان 387 رپيا 70 پئسا، جاپاني ين 2 رپيا 3 پئسا مان 2 رپيا 4 پئسا ۽ يورو 328 رپيا 75 پئسا مان 330 رپين جو ٿي ويو.  بحرين جو دينار 756 رپيا 50 پئسا ۽ ڪويتي دينار 921 رپيا 25 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو.