ڪينٽڪي (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست لوئس ول مان تقريبن 30 سال اڳ گم ٿيندڙ مجسمو هڪ شخص پنهنجي گهران واپس آڻي ميوزيم کي واپس ڪري ڇڏيو، ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي شهري ڊيوڊ گرير مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته 1996ع ۾ سندس والد ان مجسمي کي بيلويڊير مان گهر آندو ويو، جتي اهو سنوار سينگار جي هڪ منصوبي تي ٻين ڪارڪنن سان گڏ ڪم ڪري رهيو هيو، ڊيوڊ ٻڌايو ته والد صحب انهن کي ٻڌايو ته ٻين ڪارڪن ڪم دوران ان مجسمي کي هڪ طرف اڇلائي ڇڏيو هيو، جنهن تي هن ان کي پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت گهري ۽ اهڙيءَ ريت مجسمو اسان جي گهر آندو ويو، تڏهن کان اهو اسان جي گهر جي پٺئين حصي ۾ رکيل هيو، ڊيوڊ جي ڀيڻ شيري جو چوڻ هيو ته جڏهن والد صاحب مجسمو کڻي آيو هيو ته اسان کي ڪجهه خبر نه هئي ته اهو ڇا آهي، اهو رڳو بانسري وڄائيندڙ شخص جو مجسمو هيو، پر ڪجهه تحقيق بعد اها ڳالهه سامهون آئي ته مجسمو دراصل يوناني ديوتا پين کي تصور ڪندي بڻايو ويو آهي، جيڪو بانسري وڄائي رهيو آهي، ڊيوڊ ٻڌايو ته هنن مجسمي جي تاريخ تي ڪجهه تحقيق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دريافت ڪيو ته لوئس ول ميٽرو پبلڪ آرٽس ميوزيم ان جي ڳولا ڪري رهيو آهي، جنهن کي آرٽسٽ شارلٽ پرائس تخليق ڪيو هيو، هنن فوري طور ئي ان کي واپس ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.